امين محمد ثاني هالائي مخدوم

امين محمد ثاني هالائي، مخدوم: مخدوم صاحب، مخدوم محمد زمان ثالث جو فرزند هو. حضرت مخدوم نوح سخي سرور جي اولاد مان سندس درگاهه جو سجاده نشين بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 19 رجب 1256هه (1840ع) تي ٿي. هو صاحب سهروردي طريقي جو پير ۽ اميراڻي زندگيءَ جو مالڪ هو. سنڌي شاعريءَ ۾ تمام ڪمال حاصل هئس، يعني سنڌي شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ سندس ڪلام موجود آهي. ڏوهيڙا، ڪافيون، غزل وغيره پنهنجا ڪيترائي يادگار ڇڏيا اٿس. هو توحيد جي مسئلي ۾ عام صوفين جي طرز جو تابع آهي. انسانيت جي گهڻين خوبين جو مالڪ هي بزرگ 47 سالن جي ڄمار ۾ 27 رمضان المبارڪ 1303هه(1885ع) ۾ هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1256.07.19  هجري

سندس ولادت 19 رجب 1256هه ( 1840ع ) تي ٿي


1840.00.00  عيسوي

سندس ولادت 19 رجب 1256هه ( 1840ع ) تي ٿي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دريا خان فقير 1
پرسرام ارجن داس ڪمل
ڀاون علي شاهه
تراب بروهي
اياز جاني
ٻڍل لاشاري
اندرا شبنم
اقبال رند
پلي محمد امين خليفو
ارشاد ڪاظمي ڊاڪٽر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون